صدام حسين

صدام حسين

صدام حسين

صدام حسين: جديد عراقي تاريخ جي بااثر فوجي، پنجين عراقي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم صدام حسين جو جنم 28 اپريل 1937ع تي تڪريت ويجهو ڳوٺ العوجه، عراق ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. صدام جو پيءُ حسين عبدالماجد، سندس پيدائش کان اڳ وفات ڪري ويو. صدام جي ابتدائي پرورش سندس والده صباح طلفاحالمسلت ڪئي. ماءُ جي ٻي شادي ٿيڻ بعد هو پنهنجي چاچي ابراهيم الحسن وٽ ڪجهه عرصو رهيو. ڏهن سالن جو ٿيو ته پنهنجي مامي خير الله طلفاح وٽ پهرين تڪريت ۽ پوءِ بغداد ۾ رهيو. سندس مامو عرب قومپرست آرميءَ جو آفيسر هو، تنهنڪري ننڍپڻ کان صدام حسين جي سياسي شعور تي حڪومتي نظام خلاف گهرو اثر پيو. هن پنهنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بغداد جي هڪ اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي شاگرد سياست ۾ عملي طور قدم رکيو ۽ جمال عبدالناصر جي فڪر ۽ بعث پارٽي جي مائيڪل افلاق جي خيالن کان متاثر ٿيو. هن 1957ع ڌاري بعث پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حڪومت خلاف سرگرميين ۾ حصو وٺڻ جي ڪري جيل ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد عراقي حڪمران جرنل عبدالڪريم قاسم جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو مٿس الزام لڳو، جنهن ڪري ڪجهه عرصو شام ۽ مصر ۾ وڃي پناهه ورتائين. مصر ۾ رهڻ دوران هن پنهنجي ثانوي تعليم مڪمل ڪري، قاهره (Cairo) يونيورسٽي، مصر ۾ قانون جي شعبي ۾ داخلا ورتي.فيبروري 1963ع ۾ جڏهن بعث پارٽي حڪومت تي قبضو ڪيو ته صدام مصر مان عراق موٽي آيو ۽ کيس ملٽري انتظاميه جي اهم عهدي تي فائز ڪيو ويو، جنهن دوران هن سرڪاري سطح تي پنهنجو هڪ اهم حلقو تيار ڪيو. نون مهينن جي مختصر عرصي ۾ بعث پارٽي جي حڪومت ختم ٿي وئي. ان دوران صدام حسين، پنهنجي هڪ مائٽياڻي ساجده طلفاح سان شادي ڪئي ۽ سياسي طور پنهنجو پاڻ کي سگهارو بنائڻ لاءِ بعث پارٽي جي سينئر اڳواڻن سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيائين. صدام حسين کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت خلاف سرگرميين جي ڏوهه ۾ ٻه سال جيل جي سزا ٻڌائي وئي. جيل ۾ رهڻ دوران هن سياسي ۽ تعليمي سرگرميين کي جاري رکيو ۽ ساڳئي عرصي دوران سندس سياسي سوچ ۾ به گهڻي تبديلي آئي. جيل واري عرصي بعد صدام پاڻ ڀرو ٿي، مخالفن کان محتاط ۽ پارٽيءَ جي اندروني ورهاست سبب صبر کان ڪم وٺڻ لڳو. 1966 ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد صدام حسين، بعث پارٽي کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1968ع ۾ بعث پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ۾ آئي ۽ احمد حسن الباقر ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. صدام حسين، ان دور ۾ احمد حسن الباقر جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شامل رهيو، حڪومت جا اهم ۽ ڳجها ڪم سندس ئي حوالي هئا. حڪومت جي مخالفن کي منظر تان هٽائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. صدر باقر، عراقي تيل جي صنعت حڪومتي تحويل ۾ ورتي، جنهن سان عراقي خزاني تي سٺو اثر پيو. حڪومت طرفان ملڪ ۾ ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيو. ڳوٺن ۾ بجليءَ جي فراهمي، روڊ رستا، اسپتالون ۽ اسڪول تعمير ٿيڻ لڳا پر گڏوگڏ صدام حسين جو سياسي مقصد پڻ وڌڻ لڳو. هن 1979ع ڌاري صدر احمد حسن الباقر کان استعيفا ڏياري پاڻ صدر جي عهدي تي فائز ٿي حڪومت تي قابض ٿي ويو. صدام حسين جي دور صدارت ۾ سندس سياسي عزم واضح ٿيڻ لڳا، هو پاڻ کي عرب دنيا جو رهنما ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي صلاح الدين ايوبي جهڙو سپهه سالار سمجهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته صلاح الدين جو جنم پڻ تڪريت ۾ ٿيو هو. صدام حسين جي جارحاڻي عزم جو پهريون مثال 1980ع ۾ ان وقت سامهون آيو، جڏهن عراقي فوج پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران تي حملو ڪيو. 8 سالن تائين هلندڙ ان جنگ ۾ تقريباً 10 لک ماڻهو مارجي ويا. ايران ۾ جنگبندي بعد 1990ع ۾ هن ڪويت تي عراقي تيل چوري ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ گهربل معاوضو نه ملڻ جي صورت ۾ آگسٽ 1990ع ۾ ڪويت سان جنگ شروع ڪري ڏني. ڪويت سان جنگ ڪرڻ جو عمل کيس ڪافي مهانگو پلئه پيو. توقع جي برعڪس عالمي طاقتن (جن ايران سان جنگ دوران عراق جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ کين هٿيار توڙي ٻيا وسائل فراهم ڪيا) سندس ساٿ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي. عالمي سياست ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلين سبب آمريڪا ۽ سندس اتحادين لاءِ خليج ۾ پنهنجي مفاد يعني تيل ۽ اسرائيل جي حفاظت ضروري هئي. ان ڪري آمريڪي قيادت ‘آپريشن ڊيزرٽ اسٽارم’ تحت برطانيا ۽ آمريڪا 2003ع ڌاري عراق تي جنگ مسلط ڪري ڇڏي. آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل حملي کانپوءِ 22 جولاءِ 2003ع تي صدر صدام جي ٻن پٽن عودي حسين ۽ قوسي حسين کي عراق جي اترئين شهر موصل ۾ حملو ڪري قتل ڪيو ويو. 14 ڊسمبر 2003ع تي عراقي شهر تڪريت جي ويجهو هڪ ڪارروائي دوران صدام حسين کي گرفتار ڪري آمريڪا جي نگراني هيٺ عراق جي اعلى عدالت ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. هي ڪيس 1982ع ڌاري 148 ڪردن کي قتل ڪرڻ، ڪردن جي نسل ڪشي سميت جنگي ۽ انسانيت خلاف سنگين ڏوهن ڪرڻ جي الزام تحت هلايو ويو. ان عدالتي فيصلي تي 30 ڊسمبر 2006ع بمطابق 10 ذوالحج 1427هه تي عمل درآمد ڪندي عيدالاضحى جي ڏينهن، صدام حسين کي ڦاسي ڏني وئي. ڪيس ۾ ساڻس گڏ ٻين 7 (ستن) ڏوهارين کي به سزا ڏني وئي، جن ۾: خفيه اداري جو اڳوڻو سربراهه برزان التڪريت، اڳوڻو نائب صدر طحـــٰه ياسين رمضان، اڳوڻو جج الويد حامد البندير ۽ بعث پارٽي جا چار عهديدار عبدالله خادم، مظهر عبدالله روئد، علي دعيم علي ۽ محمد ازاوي علي شامل هئا، انهن مان ٻن کي موت ۽ ٻين کي قيد جي سزا ڏني وئي. عيد جي ڏينهن صدام حسين کي ڦاسي ڏيڻ تي، مسلمان ملڪن ۾ غم ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ان حد تائين جو سعودي بادشاهت به ان عمل کي پسند نه ڪيو.


لفظ صدام حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.28  عيسوي

اڳوڻي وزير اعظم صدام حسين جو جنم 28 اپريل 1937ع تي تڪريت ويجهو ڳوٺ العوجه، عراق ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو.


2006.12.30  عيسوي

30 ڊسمبر 2006ع بمطابق 10 ذوالحج 1427هه تي عيدالاضحى جي ڏينهن، صدام حسين کي ڦاسي ڏني وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رکل داس بينرجي
عرس ڏاهري
رحماني مفتي خان محمد
حڪيم حاجي نذير احمد شيخ
سليم سهتو پروفيسر
ڄام صديق ابڙو
شازيه پتافي ڊاڪٽر
ڀڳوان ايس گدواڻي
ايس جي ڀاڳيا
پير موسيٰ نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون